اقرا عزيز

اقرا عزيز

اقرا عزيز

اقرا عزيز: اداڪاره اقرا عزيز 24 نومبر 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان اداڪاريءَ سان دلچسپي ۽ والد جي وفات کانپوءِ صرف انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. هن 14 سالن جي ڄمار کان سٽرس (Citrus) نالي هڪ تشھيري ايجنسي ۾ ڪمرشل ماڊل طور ڪم ڪيو. 2014ع ۾ ’کسے اپنا کہیں‘ ڊرامي ۾ سھڪاري اداڪاره طور سامهون آئي. جڏهن ته 2015ع ۾ هڪ رومانوي ڊرامي ’مقدس‘ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. سندس ٻين ڊرامن ۾: ’مول‘ (2015ع)، ’ديوانه‘ (2016ع)، ’لاج‘ (2016ع)، ’سوچا نہ تھا‘ (2016ع)، ’ناٹک‘ (2016ع)، ’چھوٹی سی زندگی‘(2016ع)، ’گستاخ عشق‘ (2017ع)، ’غيرت‘ (2017ع)، ’قربان‘ (2017ع) ۽ ٻيا شامل آهن. 2018ع ۾ سندس ٻن ڊرامن: ’سنو چندا‘ ۽ ’رانجھا رانجھا کردی‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. 2020ع ۾ نشر ٿيل ڊرامي ’جهوٽي‘ ۽ 2021ع ۾ ڊرامي ’خدا اور محبت‘ ۾ سندس ڪردار ’ماهي‘ کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي. کيس لڪس اسٽائيل اوارڊ ۽ هم ٽيليويزن طرفان بھترين اداڪاره جا اورڊ ملي چڪا آهن. سندس شادي اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين سان ٿيل آهي، جنھن مان کيس هڪ پٽ ’ڪبير حسين‘ جو اولاد آهي. پاڻ هن وقت پنھنجي ڪٽنب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.


لفظ اقرا عزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو